تڏو 2

تَڏو-2: پِيش يا کجيءَ جي ڦڙهن مان ٺهيل پڙڇُ، جيڪو پٽ تي وڇائڻ جي ڪم ايندو آهي. سنڌ جي عام رسم موجب تڏي جي وڏي اهميت آهي. چوندا آهن ته ”تڏي آئي تنگ نه پئجي، توڙي هجن وير هزار“.تڏي تي لنگهي آيل توڙي دشمن هجي، ان کي معافي ملي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ گهرگهاٽ واري کي ”تڏي وارو“ چوندا آهن؛ جنهن جو تڏو ناهي سو ڄڻ لوٺيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تڏي“ بابت سوين اصطلاح مروج آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو